حافظ محمود اسعد هاليجوي

حافظ محمود اسعد هاليجوي: حافظ محمود اسعد ولد مولانا الله هاليجوي'>حماد الله هاليجوي، 1345هه/ 1924ع ڌاري پني عاقل لڳ ڳوٺ هاليجي شريف ۾ ڄائو. قرآن پاڪ جي تعليم ڳوٺ ’ڪوٺو چاچڙ‘ جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. عربيءَ جي تعليم ڳوٺ حاجي رحمت الله گبول ۾ پڙهڻ بعد قرآن پاڪ جو حفظ ڪيائين. هيءُ ٺيڙهي، گهوٽڪي، پني عاقل ۾ به ديني تعليم پڙهيو، لوڙهي واري مدرسي مان دستاربندي ٿي. سياسي ميدان ۾ ’جميعت العلماءِ اسلام‘ جي پليٽ فارم تان 1970ع ۾ چونڊ وڙهي ايم. اين. اي چونڊيو.
حافظ محمود، حضرت حماد الله هاليجويءَ جو ننڍي ۾ ننڍو پٽ هو ۽ والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشين ٿيو. 28 اپريل 1990ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1990.04.28  عيسوي

حافظ محمود اسعد هاليجوي 28 اپريل 1990ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بچل شاهه (بزرگ)
آڏواڻي پارپتي رام ڪرشن
چانڊيو حاجي مراد خان
ڀلي ڏنو ڀوڳائي
عطاء الله خان مينگل
پدن شرما
جوکيو منظور
الڀو شيخ ٺٽوي
روئداد خان
عبدالڪريم ميربحر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون